جاويد ڀٽي

جاويد ڀٽي

جاويد ڀٽي

جاويد ڀٽي: ليکڪ ۽ صحافي جاويد ولد محمد حسين ڀٽي، 2 جنوري 1968ع تي بئراج ڪالوني سکر ۾ پيدا ٿيو. سندس واسطو نامياري اديب رشيد ڀٽيءَ جي خاندان سان آهي، جيڪو سندس مامو هو. هن ايم. اي (صحافت) ڪئي آهي. جاويد ڀٽيءَ لکڻ جي شروعات 1983ع ۾ هفتيوار ’المنار‘ ۽ ماهوار ’پرهه ڦٽي‘ کان ڪئي. سندس ڪالم، مضمون ۽ پروفائيل ’هلال پاڪستان‘، ’عبرت‘، ’ڪاوش‘، ’آفتاب‘، ’گل ڦل‘ ٽماهي، ’مهراڻ‘، ماهوار ’نئين زندگي‘ ۽ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهيا آهن. هن وقت تائين 300 کان مٿي مضمون ۽ ڪالم لکي چڪو آهي. جاويد ڀٽي سياست ۾ به سرگرم رهيو آهي. سجاڳ ٻار تحريڪ، سنڌي شاگرد تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ ۾ مختلف عهدن تي رهيو آهي.
جاويد ڀٽيءَ عملي طور صحافت جي شروعات 1990ع کان ڪئي. سنڌي ادبي سنگت سکر ۽ جونيئر چيمبرس آف انٽرنيشنل جو ميمبر به رهي چڪو آهي. کيس علمي ۽ ادبي خدمتن تي جونيئر چيمبرس آف انٽرنيشنل، اين. آر. ايس. پي، روزاني سنڌ، روزاني هلچل حيدرآباد ۽ ٻين ادارن ڪيترا اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ به ڏنا آهن. ڪجهه وقت روزاني عبرت حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ نيوز ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهيو ۽ گڏوگڏ عبرت جي هفتيوار تعليمي صفحي ’اکر پڙهه الف جو‘ انچارج پڻ رهيو، هن وقت ’سنڌ ايڪسپريس‘ اخبار ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.


لفظ جاويد ڀٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.01.02  عيسوي

ليکڪ ۽ صحافي جاويد ولد محمد حسين ڀٽي، 2 جنوري 1968ع تي بئراج ڪالوني سکر ۾ پيدا ٿيو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

قاضي اسد عابد
رياض حسين ميمڻ
الطاف حسين قريشي
لطف علي دَل
اسلم اڪبر قاضي
دين محمد وفائي مولانا
اعجاز حسين مهر
ابوبڪر خان مگسي
پريم شواڻي
جان محمد مھر
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون